چورن جي ڄڃ جو گهوٽ عمران خان آهي:مريم اورنگزيب

January 11, 2019 at 11:10 pm

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نوازليگ ترجمان مريم اورنگزيب وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته، چورن جي ڄڃ جو گهوٽ وزيراعظم عمران خان آهي، ٻين کي چور ۽ ڦورو سڏيندڙن جي باجي چور نڪتي.مريم اورنگزيب چيو ته عليمه باجي جي غيرقانوني ملڪيتن جا ذريعا چندا، تعليم جا پيسا ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا جعلي بينڪ اڪائونٽس آهن، ڇا هي اهي ذريعا آهن، جن سان اربين رپين جون غيرقانوني ملڪيتون خريد ڪيون ويون، حڪومت عوام کي جواب ڏئي.هن چيو ته عليمه باجي شوڪت خانم ۽ نمل يونيورسٽي جي بورڊ ۽ پارٽي فنڊ مان پرڏيهه ۾ اربين رپين جي ملڪيت خريد ڪئي، فواد چوڌري صاحب بهانا نه ڪري، عليمه باجي جي چوري جو جواب ڏئي، مريم اورنگزيب سوال ڪيو ته عمران صاحب، عليمه باجي جي چوري تي جي آءِ ٽي ڪڏهن ٺاهيندو؟ خانصاحب عليمه باجي کي اين آر او ڇو ڏنو؟مريم اورنگزيب چيو ته جتي چندي ۽ پارٽي جا پيسا گڏ ٿيندا آهن، اتي عليمه باجي جي غيرقانوني ملڪيت نڪتي آهي، فواد چوڌري صاحب عوام کي ٻڌايو ته مريم نواز پاڪستان جي ڪيترا ڀيرا وزيراعظم رهي آهي؟ نوازشريف پنهنجي ٽن نسلن جو جواب ڏنو آهي، عليمه باجي کي پنهنجي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو