چيف جسٽس جو سول اسپتال مٺي جو دورو: بندوبستن تي عدم اطمينان
December 13, 2018 at 3:08 amٿرپارڪر(ڊ ر) چيف جسٽس ثاقب نثار سول اسپتال مٺي جو دورو ڪيو ۽ بندوبستن تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ڊاڪٽرن ۽ انتظاميا کي ڇنڊ پٽي ڇڏي، چيف جسٽس چيو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ دوائون ناهن، هي ڪهڙي ايمرجنسي آهي؟ اهڙي صورتحال کان بهتر آهي اسپتال بند ڪيو. تفصيل موجب چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ۽ ٻيا جج صاحب مٺي پهتا ساڻن گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻيا شامل هئا. چيف جسٽس سول اسپتال مٺي جو دورو ڪيو ۽ ٻارن جي آءِ سي يو ۽ مختلف حصن جو معائنو ڪيو، معائني دوران چيف جسٽس انتظاميا کان سخت سوال ڪيا. چيف جسٽس پڇيو ته اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ ناهي، جنهن تي ڊاڪٽرن جواب ڏنو اسان مريضن کي ڏسندا آهيون، چيف جسٽس چيو ته اُها جاءِ ڏيکاريو جتي توهان مريضن کي ڏسندا آهيو. ڊاڪٽرن چيو ته هڪ مهينو ٿيو آهي، هتي آيو آهيان. اسپتال جي دوري جي بندوبستن تي چيف جسٽس عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو ايمرجنسي وارڊ آهي جنهن ۾ دوائون ئي ناهن، ايمرجنسي وارڊ جي اِها صورتحال آهي ته پوءِ اسپتال ئي بند ڪيو. سول اسپتال مٺي جي ٻاهران چيف جسٽس سان ملڻ ٿر واسي به آهي، فريادين اسپتال جي خراب حآلت ٻڌائي ۽ چيو ته ڪجهه ناهي بدليو. ان کان اڳ چيف جسٽس مصري شاهه ۾ آر او پلانٽ جو به دورو ڪيو، اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هي آر او پلانٽ ايشيا جو سڀ کان وڏو پلانٽ آهي. جيڪو سولر انرجي تي آهي، پلانٽ ۾ روزاني 20 لک گيلن پاڻي صاف ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ هي 50 هزار جي آبادي کي پاڻي ڏيندو آهي. چيف جسٽس آر او پلانٽ جي خراب صورتحال تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کان سوال ڪيو ته آر او پلانٽ ۾ پاڻي جي ڪوالٽي خراب ڇو آهي، شايد توهان ماڻهن هي پاڻي استعمال ناهيو ڪندا هلو مون کي ئي هي پاڻي پياريو. چيف جسٽس آر او پلانٽ جو پڻو پيتو خراب لڳو ته ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.