چيني قونصليٽ تي حملي ۾ پوليس کي اهم ڪاميابيون مليون آهن: آءِ جي سنڌ

December 7, 2018 at 9:13 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس ڪليم امام جو چوڻ آهي ته چيني قونصل خاني تي حملي ۾ اهم ڪاميابيون مليون آهن.آءِ جي سنڌ پاران صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته چيني قونصل خاني تي حملي جي جاچ سي ٽي ڊي ڪري رهي آهي.ڪليم امام جو چوڻ هو ته چيني قونصل خاني تي حملي جي حوالي سان پوليس کي اهم ڪاميابيون مليون آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، حملي جي جاچ اڃان جاري آهي. هن چيو ته پوليس ڪراچي ۾ پهريان به دهشتگردي جي واقعن کي ناڪام بڻايو آهي.هن جو چوڻ هو ته ٿريٽس موجود آهن، اسان جا ڊسمبر ۾ به ايونٽس آهن پر اسان جي تياري پوري آهي، دهشتگرد پنهنجي عزم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا.آءِ جي سنڌ چيو ته چيف جسٽس ۽ وڏي وزير جو شڪرگذار آهيان جنهن پوليس کي فري هينڊ ڏنو. ڪليم امام چيو ته مون تي ڪوبه سياسي دٻاءُ ناهي ۽ پوليس ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو