ڇا سوچي پي سي بي سرفراز کي ٽيم مان ڊراپ ڪيو هو؟ :علي زيدي
December 3, 2019 at 5:42 pmڪراچي(م ڊ): وزيراعظم عمران خان جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار نعيم الحق کانپوءِ وفاقي وزير علي زيدي آسٽريليا ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي سبب ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 77
.ايڊيليڊ ۾ ٿيندڙ ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ به پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 48 رنسن کان شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان جي هڪ اننگز ۽ 5 رنسن کان شڪست ڏني هئي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ علي زيدي شديد مايوسي جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته پهرين مون خاموش رهڻ بهتر سمجهيو، ڇو ته ٽيم چونڊجي وئي هئي ۽ رانديگر آسٽريليا جي لاءِ نڪري چڪا هئا.