ڇا شيخ رشيد جي نا اهلي لاءِ قوم کي وڌيڪ حادثن جو انتظار ڪرڻو پوندو:مرتضيٰ وهاب

October 31, 2019 at 6:32 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تيز گام ٽرين حادثي بابت شيخ رشيد جي ڳالهين تي سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجورد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڇا شيخ رشيد جي نا اهلي لاءِ قوم کي وڌيڪ حادثن جو انتظ

ار ڪرڻو پوندو؟  شيخ رشيد علائقي ۾ ڪونسلر جي حيثيت به نه ٿو رکي پر ان کي ريلوي جي وزارت ڏني وئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان جي عوام شيخ رشيد کان هاڻي تائين ٿيل حادثن جو حساب گهري رهي آهي جنهن شخص جي زندگي ڳالهين کان اڳتي ناهي وڌي انهي کي ريلوي جي اهم وزارت سان نوازيو ويو آهي اهو عوام سان کليل مذاق آهي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اخلاقي گراوٽ جي حد آهي ته حادثي جي متاثرن تي ئي الزام مڙهيو پيو وڃي تيز گام جي مسافرن تي قيامت ٽٽي پئي  ۽ وزير موصوف مسافرن تي الزام ڏئي رهيو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم حادثي جي تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي تحقيق ڪيئن شفاف ٿيندي جڏهن اداري جو سربراهه مسافرن تي الزام مڙهي رهيو آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اهو متاثر مسافرن جي پوئنرن سان سنگين مذاق جي مترادف آهي. هن چيو ته ماضي ۾ عمران خان چوندو هو ته حادثي تي ريلوي واري وزير کي اخلاقي طور استيفيٰ ڏيڻ گهرجي ڇا وزيراعظم هاڻي اهو مطالبو ڪندو يا عوام ان پاران عملي قدمن جو انتظار ڪري بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ريلوي جي وزير کي ريلوي کان وڌيڪ پنهنجي سياسي دڪان داري جي فڪر آهي شيخ رشيد امدادي ڪاررواين جي بجائي الزام تراشي جي بيان بازي ۾ مصروف عمل آهي هن چيو ته سمورن ريلوي اسٽيشنن تي اسڪين مشينون ناڪارا ۽ غير فعال آهن.  

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو