ڊيم اسان جي بقا لاءِ اڻٽر آهي، قوم کي اڳتي اچڻ گهرجي: چيف جسٽس
December 11, 2018 at 12:19 amڪوئيٽا ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم اسان جي بقا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اڻٽر آهي. ڪوئيٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچستان جي نمائندگي اڻٽر آهي، اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو تعداد ٽي مهينا پهريون وڌائي ڇڏيو هو، هاءِ ڪورٽ ۾ تعداد 6 پلس ون کان 9 پلس ون ڪيو ويو هو. هن چيو ته ادارن جي حوالي سان ڪنهن جو رهڻ يا نه رهڻ معنيٰ نه ٿو رکي، مان رهان يا نه رهان، هي ادارو برقرار رهي ۽ مون کانپوءِ ايندڙ مون کان وڌيڪ بهتر آهن. سندس چوڻ هو ته ڊيم جي حوالي سان وڏي محبت ملي آهي، ڊيم اسان جي بقا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ اڻٽر آهي، خدا جو واسطو آهي ملڪ سان محبت ڪيو، هڪ سال ملڪ کي ڏيو پوءِ ڏسو ته ڇا ٿيندو آهي، ايندڙ ٻارڙن لاءِ ڪيتريون ناياب شيون ڇڏي وينداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پنهنجي صلاح ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي پنهنجون ڪوتاهيون ختم ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته قائد اعظم جي پاڪستان سان محبت ڪيو، ڇا ملڪ جو اسان اهڙي نموني قدر ڪيو آهي، ڪهڙو سبب آهي جو اڄ چاليهه سال کانپوءِ بعد اهو سچي رهيا آهيون ته ستن سالن ۾ پاڻي ناياب ٿي ويندو، ڇا ماڻهن کي خبر ناهي ته بلوچستان ۾ پاڻي ڪيتري حد تائين ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ اسٽاف طرفان ڊيم فنڊ لاءِ چيڪ ڏنا ويا آهن.