ڊيم نه ٺهيو ۽ متاثرن جو مسئلو حل نه ٿيو ته احتجاج ڪندس: چيف جسٽس
January 1, 2019 at 6:57 pmاسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته ڊيم نه ٺهيو ۽ متاثرن جو مسئلو حل نه ٿيو ته ماڻهن سان گڏجي ويهي احتجاج ڪندس.نجي ٽي وي مطابق سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار زلزلي متاثرن جي امداد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته تباهه ٿيل ماڻهن جي امداد سموري دنيا مان ورتي وئي، ڏيندڙ هٿ ٿورڙي ئي وقت ۾ وٺندڙ بڻجي ويا، متاثرن تي ايٽم بم نه ڪريو هو، قدرتي آفت آئي، امدادي رقم حڪومت وٽ امانت هئي پر حڪومت متاثرن جي امانت ۾ خيانت ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته مان چئن ڪلاڪن جو سفر ڪري وڃي سگهان ٿو ته وزيراعظم ڇو نه ٿو وڃي؟ ٽين جي ڇتن ۾ اڄ سردي سبب رهڻ ممڪن ناهي، متاثر علائقن ۾ اسڪول ۽ اسپتالون به نه آهن، وزيراعظم کي سيشن جج جي رپورٽ موڪلي پر ڪجهه نه ٿيو، وفاقي ڪابينا پاڻ ويهي معاملي کي ڏسي، چاهيون ٿا ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ڊيم نه ٺهيو ۽ متاثرن جو حل نه ٿيو ته ماڻهن سان گڏجي ويهي احتجاج ڪندس. درخواست گذار ٻڌڻي دوران چيو ته وزيراعظم پاڻ شوگران ويو پر بالاڪوٽ متاثرن وٽ نه ويو، وزيراعظم جي دل ۾ درد هجي ها ته متاثرن وٽ اچي ها، اسان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ملتان منتقل ٿيل امدادي رقم واپس ڪئي وڃي