ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عورتن جي ڀلائي واري تنظيم پاران سيمينار، عورتن جو وڏو انگ شريڪ
November 22, 2019 at 6:27 pmڌوڪري(نمائندو)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عورتن جي ڀلائي واري تنظيم پاران سيمينار ڪوٺايو ويو، سيمنار ۾ سوين عورتن شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي يورپي يونين جي حمزه، ڊسٽرڪٽ مئنيجر لاڙڪاڻو سجاد ڪندر، ڊسٽرڪٽ قمبر شهدادڪوٽ جي مئنيجر اسد علي جتوئي، مانٽرينگ مئنيجر عبدالمنان چاچڙ، ڊسٽرڪٽ پروجيڪٽ آفيسر رياض بجاراڻي، ٽريننگ ڪوآرڊينٽر ثمینہ برڪت، يونٽ انچارج شمائلا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرسو پاران يورپي يونين جي سهڪار سان مقامي آيل ايس او موهن جو دڙو، بلند يونٽ يونين ڪائونسل بگي ايٽ موهن جو دڙو طرفان سمينار ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ ڳوٺاڻي ميمبر عورتن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت سَڪسيس ۽ پنس پروگرام تحت ٿيل ڪم بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي، هنن چيو ھن سَڪسيس پروگرام تحت مستحق ۽ غريب عورتن کي بغير وياج تي قرض ڏيڻ، ۽ مالي امداد، ھنري سکيا، صحت ڪارڊ، ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته پنس پروگرام تحت حاملا ۽ کير پياڪ عورتن کي ٻڪريون پالڻ لاءِ اڻٽيهين اڻٽيھن ھزار، ننڍن ھارين کي پنج هزار پنج سوَ، ميمبرن کي ربيع ۽ خريف جي ٻج سميت صحت صفائي لاءِ سهڪاري ڪيو ويندو آهي، انهي موقعي تي چار کان وڌيڪ عورتن کي چيڪ پڻ ڏنا ويا، جڏهن ته مقامي سهڪاري تنظيمن جي مختلف عهديدارن عورتن تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته سڪسيس طرفان بنا وياج جي قرض، مال مويشي پالڻ ۽ ڪاروبار کولڻ لاءِ مالي مدد ڳوٺ جي ماڻهن جي زندگين ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ مالي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تبديلي آندي آهي، هنن چيو ته ليٽرين جو استعمال نه ڪرڻ سان مختلف بيماريون جنم وٺن ٿيون جن جي ڪري انساني صحت تي تمام گھڻو اثر ٿئي ٿو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته صاف پاڻ جو استعمال ڪجي ۽ نڪاسي نظام بهتر بڻايو وڃي، هوڏانهن ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي مئنيجر سجاد علي ڪندر، ڊسٽرڪ قمبر شهدادڪوٽ جي مئنيجر اسد علي جتوئي، ڊسٽرڪٽ پراجيڪٽ آفيسر رياض حسين بجاراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت، يورپي يونين سان ملي ڪري غربت جي خاتمي جا پروگرام ڪرائي رهيا آهيون، هنن چيو ته پروگرام جو مقصد اهو آهي ته هڪ علائقي جي عورت تنظيم ٻئي علائقي جي عورت تنظيم کي پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪن ته جئين ٻيون عورتن انهن جي ڪارڪردگي ڏسي پنهنجي ڳوٺن ۾ بهتر کان بهتر ڪم ڪري سگهن، هنن چيو ته سرسو بنا وياج جي قرض به ڏئي رهي آهي ته جئين غريب مسڪين ڪو ڪاروبار ڪري سگهن ۽ پنهنجي غربت کي ختم ڪري سگهن، سنڌ حڪومت، يورپي يونين ۽ سرسو جو مقصد اهو آهي ته اسان غريب مسڪين عورتن کي همٿايون ته جئين اوهي پنهنجو گذر سفر سٺي نموني ڪري سگهن، سنڌ حڪومت ۽ يورپي يونين جي طرفان غريب عورتن کي ٻڪريون، ڪڪڙيون ۽ زراعت لاءِ امداد ڏئي رهي ته جئين غريب عورتون پنهنجي ٻارن جي سٺي نموني خوراڪ ڪري سگهن.