ڏکڻ ڪوريا جي پاپ گلوڪاره ۽ اداڪاره گوهارا جو گهر مان لاش هٿ آيو
November 26, 2019 at 4:18 pmسيول (شو بز نيوز) ڏکڻ ڪوريا جي پاپ گلوڪاره ۽ اداڪاره گوهارا جو گهر مان لاش هٿ آيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گادي واري شهر سيول ۾ گوهارا جو پنهنج/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 51
ي گهر مان لاش مليو آهي. ان جي عمر 28 سال هئي هو ملڪ جي مشهور پاپ گروپ ڪارا جي اڳوڻي ميمبر هئي جنهن ۾ هو 2008 ۾ شامل ٿي هئي. هن انسٽا گرام تي شب بخير جي عنوان سان آخري پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ فالوورز کي شب بخير چيو ويو. ڪورين پوليس هوگارا جي موت جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب امڪان آهي ته گوهارا خودڪشي ڪئي هجي ڇو ته ان کان اڳ مئي ۾ به هن خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو محفوظ رهي ۽ ڪافي ڏينهن تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. پوئين هفتي هن ٻيهر واپس پنهنجون شوبز جون سرگرميون بحال ڪيون هيون ۽ هڪ سيريز ۾ ڪارڪردگي پيش ڪئي هئي. گوهارا خودڪشي جي ڪوشش سان پنهنجي پرستارن کي پهچندڙ ڏک ۽ صدمي تي ان کان معافي به گهري هئي. گذريل سال گوهارا پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن سندس نازيبا وڊيو انٽرنيٽ تي شيئر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.