ڪابه طاقت سرڪاري دوري تي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي نٿي سگهي: مراد علي شاهه

January 18, 2019 at 7:11 am

 ڄامشورو(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي سرڪاري دوري تي ٻاهر وڃڻو پيو ته ڪابه طاقت روڪي نٿي سگهي.سيوهڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته فواد چوڌري وٽ ڪا شيءَ ڪرڻ لاءِ ناهي، هو خبرن ۾ اچڻ لاءِ خبرون ٺاهيندو آهي، ڪڪڙيون ۽ آنا پراڻيون شيون بڻجي چڪيون آهن، جڏهن ته عمران خان پاڪستان جو وزيراعظم آهي، جڏهن کيس گهرجي ته هو سنڌ اچي سگهي ٿو، اسان جي سياست ۽ جمهوريت جي سطح اڄ اها رهي آهي ته وزيراعظم سنڌ اچي رهيو آهي ته چون ٿا ته سازشون ڪرڻ اچي رهيو آهي.مراد علي شاهه چيو ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ سان مون تي ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو ته نيب ۽ سپريم ڪورٽ وفاقي وزيرن کي جي آءِ ٽي تي بيان ڏيڻ کان روڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جون پارٽيون عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ ٿيون آهن، مخالف پارٽين جي متحد ٿيڻ سان حڪومت تي عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو، جيڪو طريقو انهن اختيار ڪيو آهي ان سان عوام جي معاشي صورتحال بهتر نه ٿيندي، 4 يا 5 مهينن ۾ ان حڪومت تي ماڻهو ايتري تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا ڪڏهن پ پ پ ۽ ن ليگ تي به ناهي ٿي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيد آباد جي صحافي آصف علي ميمڻ سان سندس چاچي حاجي هارون ميمڻ ۽ پير آف ويهڙ شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي آغا فقير احمد ۽ عبدالله ٽالپر سان سندس فرزند شهباز جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو