ڪراچي جون گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو عمارتون ڊاهڻيون پونديون: سپريم ڪورٽ
January 24, 2019 at 8:15 pmڪراچي(اسٽاف رپورتر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، سنڌ سرڪار کي ترت ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته هن شهر جون گهٽ ۾ گهٽ 500 عمارتون ڊاهڻيون پونديون، شهر جي تباهي ۾ سڀني ادارن جي ملي ڀڳت شامل آهي، اسان کي لوريون نه ٻڌايو، اسان توهان جي لورين ۾ اچڻ وارا نه آهيون، توهان ماڻهو گڏ آهيو، ڪنهن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهيو، ڪراچي جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي. عدالت ڪراچي جو انفراسٽرڪچر تباهه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهر جي تباهي تي سنڌ سرڪار کي ترت ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ گهرجي. جسٽس گلزار احمد چيو ته 1950ع کانپوءِ وارو اصل ماسٽر پلان پيش ڪيو. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 500 عمارتون ڊاهڻيون پونديون، ڪراچي جي تباهي ۾ سمورن ادارن جي ملي ڀڳت شامل آهي، سنڌ سرڪار شهر جي تباهي تي ماهرن سان مشورو ڪري.جسٽس گلزار چيو ته ٻڌايو وڃي ته بنا ترتيب ۽ غير قانوني عمارتن کي ڪيئن ڪيرائي سگهجي ٿو؟ ملير ندي تي قائم هر قسم جي عمارتن کي ڪيرائڻو پوندو، سڀ پئسا ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، هر ڪو آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ ملڪيت ٺاهي چاهي ٿو. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب توهان ڄاڻو ٿا ته شهر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، شهر جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي، بيورو ڪريٽ عوام جي پئسن تي پلجندا آهن، حڪومت ٻن هفتن ۾ رپورٽ ڏئي ته ڪهڙي نموني انفراسٽرڪچر بحال ڪندي. جسٽس گلزار احمد چيو ته قوم جي ويزن کي اهڙي نموني تباهه ڪيو ٿا.