ڪراچي جي چار سو کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي:ناصر حسين شاهه

February 25, 2023 at 12:18 am

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه
چيو آهي ته ڪراچي جي چار سو کان وڌيڪ ننڍن ۽ وڏن روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ 268 روڊ ورلڊ بينڪ (ڪلڪ) جي سهڪار سان ڪي ايم سي جي ذريعي تعمير ڪرايا پيا وڃن، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهو

ويزن آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي کي وقت تي يقيني بڻايو وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هن ويزن کي مڪمل ٿيڻ تائين پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن شهر جي مختلف علائقن ۾ جاري روڊن جي تعمير ۽ مرمت جي ڪمن جو معائنو ڪندي ڪيو،

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو