ڪراچي حددخليون ڪيس، اسان گهر ڊاهڻ جو حڪم نه ڏنو هو: چيف جسٽس

December 11, 2018 at 8:28 pm

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان ڪراچيءَ ۾ گهر ڊاهڻ جو حڪم جاري نه ڪيو آهي.رپورٽن مطابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ حددخلين ۽ 35 هزار رفاهي پلاٽن تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ايمپريس مارڪيٽ کي ماڊل طور صاف ڪرڻ لاءِ چيو هو، سپريم ڪورٽ امن امان جي صورتحال ڪيئن خراب ڪئي آهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته سپيم ڪورٽ صورتحال خراب ڪئي آهي.جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته فٽ پاٿ ۽ روڊن جيچوڌاري حددخليون ختم ڪيون وڃن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته عدالت متاثرن کي متبادل جاءِ ڏيڻ کان سنڌ سرڪار کي ڪڏهن روڪيو آهي، اسان کي حددخلين دوران امن امان تي پهريون ئي خدشا هئا.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  وفاقي سرڪار کي ڪوارٽر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، سرڪاري زمين خالي ڪرائڻ تي گوڙ شروع ڪيو ويو آهي، سنڌ جي گورنر فون ڪري چيو ته امن امان جو مسئلو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته قبضا مافيا کي هنگامن تي ڇڏي ڏيون، سياسي سبب رنڊڪ بڻجي وڃن ٿا، اڄ روڪيو ته وري قبضا شروع ٿي ويندا. هن چيو ته ڪراچي جي ميئر جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪيون ٿا، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته في الحال گهرن خلاف ڪارروائي کي روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته توهان کي هڪ هڪ پارڪ ۾ زمين خالي ڪرائڻي پوندي، وسيم اختر چيو ته مون کي پارڪ ابن قاسم طرف ڪارروائي کان روڪيو ويو آهي.چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته وفاق، سنڌ سرڪار ۽ ميئر گڏجي حڪمت عملي جوڙين،  ڇا سنڌ سرڪار کي نالن تي قبضا ختم ڪرائڻ تي اعتراض آهي، ميئر سمورو پلان جوڙيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته ڪراچي جي ميئر وٽ بحالي وارو پلان ناهي. چيف جسٽس چيو ته بحالي جو منصوبو ٺاهڻ توهان جو ڪم آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو