ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جاري، سنڌو تهذيب ڪڏهن به انتهاپسندي کي ناهي قبوليو:سردار شاهه
March 3, 2019 at 10:02 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) “ڪراچي لٽريچر فيسٽيول” ۾ ٻئي ڏينهن تعليم، جڊيشل ۽ ثقافت سميت ٻين اهم موضوعن تي ٿيل سيشنز ۾ صوبائي وزير، ليکڪن ۽ قانوندانن ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌو تهذيب ڪڏهن به انتها پسندي کي قبول ناهي ڪيو، ادبي سرگرميون انتهاپسندي کي روڪين ٿيون، تعليم جو سمورو نظام ئي بگڙيل آهي. ان موقعي تي “انتهاپسندي اڳيان رڪاوٽ بڻيل ثقافتي سرگرميون” واري سيشن کي خطاب ڪندي صوبائي وزير تعليم ۽ ثقافت سردار شاھ چيو ته سنڌو تهذيب ڪڏهن به انتها پسندي کي قبول ناهي ڪيو، مذهبي انتهاپسندي سميت انتهاپسندي مختلف روپن ۾ موجود ضرور آهي، پر سنڌي سماج اصل کان لبرل رهيو آهي، سنڌ جا ماڻهو فقيرن وانگر رهندا هئا ۽ جھموري دور هوندو هو جنهن ۾ ڪير به بادشاھ نه هوندو هو، جيڪڏهن سنڌي ماڻهو لبرل نه هجي ها ته پوءِ سهڻي درياھ پار ڪري ميهار ڏانهن ڪيئن وڃي ها. اڄ ته اهي ئي سهڻيون، ڪاريون ڪوٺي ماريون وڃن ٿيون. هن چيو ته مون کي ماڻهو “ميلائي وزير” چون ٿا، شڪر آهي ته مان “ميلائي وزير” آهيان. پر مُلن جو وزير ناهيان. سردار شاھ چيو ته ادبي سرگرميون انتهاپسندي اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهن. ان ڪري ئي حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا. هن چيو ته ننگر پارڪر ۾ پروگرام ڪرائڻ دوران اسان کي وڏيون رڪاوٽون پيش آيون. ڪليئرنس وٺڻ به وڏو مسئلو هو. ننگر پارڪر ويندي مون کي چيڪ پوسٽن تي بار بار تعارف ڪرائڻو پوندو هو ته مان صوبائي وزير ۽ ٿر جو ئي رهواسي آهيان. پر افسوس ته ان ننگرپارڪر ۾ مُلن جي اچ وڃ تي ڪا به پابندي ناهي جيڪي مُلان نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن مائل ڪن ٿا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته جتي اسڪول نه هوندا اتي مدرسا ٺهندا پر مان آخر ڪيڏانهن وڃان؟ سڄو تعليمي نظام ئي بگڙيل آهي