ڪراچي ۾ هٿياربند رستي تان ناري کي اغوا ڪري ويا: فائرنگ ۾ نوجوان زخمي:اسپتال منتقل

December 1, 2019 at 5:50 pm

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪار سوار هٿياربند هڪ نوجوان کي گولي هڻي شديد زخمي ڪري ان سان گڏ موجود ڇوڪري کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، پوليس موجب درخشان ٿاڻي جي حدن ۾ ڊفينس ۾ خيابان بخاري جي بخاري ڪمرشل اسٽريٽ تي رات واقعو پيش آيو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 09

هي، پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته نوجوان ۽ ناري خيابانِ بخاري جي مين اسٽريٽ تي روڊ تي پيادل گهمي رهيا هئا ته ڪار ۾ سوار هٿياربند اُتي پهتا ۽ نوجوان کي فائرنگ ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڇوڪري کي زبردستي ڪار ۾ اغوا ڪري ويا

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو