ڪرتارپور راهداري کولڻ ڀارت سان اعتماد سازي لاءِ اهم قدم آهي: شاهه محمود قريشي
April 2, 2019 at 8:02 pmاسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڪرتارپور راهداري کولڻ ڀارت سان اعتماد سازي لاءِ اهم قدم آهي، ڪرتاپور ڪوريڊور جو افتتاح هلندڙ سال بابا گرونانڪ جي جنم ڏڻ تي ٿيندو. تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو هاڪاري چهرو اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڪرتاپور راهداري کولڻ ڀارت سان اعتماد سازي لاءِ اهم قدم آهي، هلندڙ سال بابا گرونانڪ جي جنم ڪرتارپور ڪوريڊرو جو افتتاح ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، سياحت جي وڪرو سان معيشت کي مضبوطي ملندي، ماضي جو جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي پاڪستان ۾ سياحت تي ڌيان نه ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي، هاڪاري پاليسين جي نتيجي ۾ سياحت واري شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي، ماضي جو جائزو وٺون ته گذريل سالن ۾ سياحت تي ڌيان نه ڏنو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته ملڪي سياحت ۾ گهٽتائي سان معيشت کي نقصان پهتو، سياحت جي ترقي ۾ امن ۽ سلامتي جو اهم ڪردار آهي، عالمي سياحن لاءِ آسان ويزا، فيسن ۾ گهٽتائي ڪئي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته 175 ملڪن لاءِ پاڪستاني ويزا آن لائن سروس شروع ڪئي آهي، پرڏيهي سياحن لاءِ هتي اچڻ جو عمل آسان بڻائي رهيا آهيون ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نئين ايوي ايشن پاليسي جي جوڙي ويندي.