ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ضرور رنگ لائيندي: صدر عارف علوي
February 5, 2019 at 6:34 pmاسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم يڪجهتي ڪشمير تي پنهنجي پيغام ۾ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري جو ٻٽو معيار شڪ پيدا ڪري رهيو آهي پر اسان کي يقين آهي ته ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد نيٺ رنگ لائيندي.هن چيو ته ڀارت جو ڪشميرين تي ظلم دهشتگردن کي هوا ڏيڻ برابر آهي ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت بيان تي ڪشميرين جو اعتماد گهٽجي رهيو آهي. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو هڪ علائقائي تڪرار نه آهي پر آزادي جو حق ڪشميري عوام جو بنيادي حق آهي، ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال سان آزادي جي تحريڪ کي ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هن مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.ڏکڻ ايشيا ۽ ڪشمير مسئلي جي مستقبل جو حوالو ڏيندي اسپيڪر چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن جو خواب ساڀيان نٿو ٿي سگهي جيستائين دنيا جي سڀ کان وڏي نام نهاد جمهوريت ڀارت والاريل ڪشمير ۾ طاقت جو استعمال بند نه ڪندو. هن گڏيل قومن تي زور ڀريو ته اهي ڪشمير بابت پنهنجن ٺهرائن تي عمل ڪرائين