ڪشميري پنهنجي رت سان تاريخ لکي رهيا آهن: پرڏيهي ترجمان

November 30, 2018 at 7:52 pm

اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪشميري پنهنجي رت سان تاريخ لکي رهيا آهن، ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي مرضي سان حل ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته دنيا جو ڪو به قانون ڀارت کي ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، پاڪستان برٽش ڪشمير گروپ جي رپورٽ جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته برطانوي ڪشمير  گروپ جي رپورٽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن کي سامهون آندو،  رپورٽ ۾ ڀارتي ظلمن جو تفصيل سان ذڪر آهي، جڏهن ته گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل به ڪشمير ۾ ظلمن جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪشميري پنهنجي رت سان تاريخ لکي رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ گهٽ ووٽر ٽرن آئوٽ ثابت ڪري ٿو ته ماڻهو ڀارت مان ڪيترو تنگ آهن. هن چيو ته ڪنهن ملڪ لاءِ ممڪن ناهي ته هو ڪنهن ٻئي ملڪ جي لکين ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪري. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪشمِير مسئلي جو حل ڪشميرين جي مرضي ۽ منشا موجب ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان به سفارتڪاري ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو پر لڳي ٿو ته انڊيا کي اڃا تائين پنهنجي غلطين جو احساس ناهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو