ڪشمير جا ظلم ڏسي ڀارت سان لاڳاپن جو رستو ڏکيو ٿي ويندو آهي: فواد چوڌري
November 30, 2018 at 7:53 pmاسلام آباد ( بيورو ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪشمير جا ظلم ڏسي ڀارت سان لاڳاپن جو رستو ڏکيو ٿي ويندو آهي، ڪشمير معاملي تي ڀارت کي حقيقت پسنداڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ ڪشمير بابت هڪ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته والاريل ڪشمير جي جدوجهد ۾ لکين ماڻهو روڊن تي نڪري
رهيا آهن ڇو ته هو پاڻ ڏکويل آهن پر ڀارت ۾ بيوقوف کان بيوقوف ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته معاملو پاڪستان سبب هلي رهيو آهي پر ڪشمير ۾ پاڪستان جي حمايت تمام گهڻي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ رهندرن کي تڪليف ٿيندي آهي درد اسان محسوس ڪندا آهيون، جڏهن ڪشمير جي تصوير ايندي آهي ته افسوس ٿيندو آهي، اسان ڪشمير کي علائقي نه پر انسانيت جي نظر سان ڏسون ٿا، ڪشميرين سان اسان جو دل جو رشتو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪشمير هڪ علائقائي مسئلو ناهي، جذبن ۽ دلين جي رستن کي فوجون فتح نه ٿيون ڪري سگهن، گولين سان معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جذبا وڌيڪ ڀڙڪندا مودي اتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي پر آزادي پئسن سان خريد نه ٿي ڪري سگهجي جڏهن ته ڪشمير جا طلم ڏسي ڀارت سان لاڳاپن جو رستو ڏکيو ٿي ويندو آهي، ڪشمير جي معاملي تي ڀارت کي حقيقت پسنداڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته خطي جو مفاد آهي ته ڀارت پاڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿين، امن هوندو ته سڀني جو فائدو ٿيندو پر پاڪستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردي آهي ۽ ڇڪتاڻ سبب سارڪ جو اجلاس به متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي صحافين سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان به چيو ته اسان ۽ توهان جو تعلق امن جو هئڻ گهرجي.