ڪشمير واري مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽنداسين: وزيراعظم
February 5, 2019 at 6:36 pmاسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪشميرين کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان ڪشمير واري مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندو.وزيراعظم عمران خان چيو ته 7 ڏهاڪا گذرڻ باوجود والاريل ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ بيگناهن جي قتل عام، ٻارڙن تي پيلٽ فائرنگ، تشدد سميت ڀارتي ظلم اڃا تائين جاري آهي ۽ ڪشميري پنهنجي همت ۽ بهادري سان حق خود اراديت حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج ظالماڻي طريقي سان هزارين بيگناهه ڪشميرين کي بي رحماڻي تشدد ۽ غيرقانوني حراست دوران قتل ڪري رهي آهي.هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي ملهائيندڙ يوم يڪجهتي ڪشمير ڪشميرين کي ڀارتي تسلط خلاف ۽ حق خود اراديت لاءِ عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.