ڪشمير کي انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي جو نشانو بنايو پيو وڃي:وزيراعظم
November 27, 2019 at 4:32 pmاسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ مسلسل ڪرفيو سبب عالمي برادري جي خاموشي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت فاشسٽ ۽ آر ايس ايس نظرئي تي مڪمل طور تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01
ڪرفيو کي 100 کان وڌيڪ ڏينهن گذري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن پر وڏيون طاقتون پنهنجي واپاري مفادن سبب خاموش آهن.وزيراعظم چيو ته ڪشمير کي انساني حقن جي بدترين خلاف ورزي جو نشانو بنايو پيو وڃي. جڏهن ته طاقتور ملڪ پنهنجي واپاري مفادن تحت خاموش آهنوزيراعظم عمران خان ڀارتي قونصل جنرل جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ آر ايس ايس نظرئي کي فاشسٽ ذهنيت ڏيکاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشميري روز جي ظلمن کان تنگ اچي ويا آهن. عالمي برادري کي فوري طور تي قدم کڻڻ گهرجي.