ڪنهن جي به بدانتظامي يا چوري جي سزا عوام کي ملڻ قابل قبول ناهي:وزيراعظم
January 9, 2019 at 7:31 pmاسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم پيٽروليم ۽ بجلي جي وفاقي وزيرن وچ ۾ ويجهن رابطن جي کوٽ تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي توانائي بابت جڙيل ٽاسڪ فورس جي چيئرمين کي پيٽروليم ۽ بجلي وزيرن جي مشاورت سان ملڪ ۾ گيس ۽ بجلي جي گهرج ۽ پيداوار جي تخمينن بابت ايندڙ مسئلن واري نظام کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن جي به بدانتظامي يا چوري جي سزا عوام کي ملڻ قابل قبول ناهي. اجلاس ۾ وزيراعظم ايس اين جي ۽ ايس ايس جي جا ايم ڊي برطرف ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر هن وقت سسٽم مان 12 کان 13 سيڪڙو گيس چوري ٿي رهي آهي، هر سال گيس جي شعبي ۾ ان ڪري 50 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو، وزيراعظم کي ملڪ ۾ گيس جي گهرج ۽ سپلاءِ جي حوالي سان ملندڙ شڪايتن جي ازالي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ايندڙ هڪ هفتي ۾ گيس جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس کي سئي ناردرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي ٻڌايو ته غيرقانوني طور تي گيس ڪمپريسر لڳائيندڙن خلاف قدم کنيا ويا آهن، غير قانوني گيس ڪمپريسر استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هن وقت تائين 5 هزار ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن، اجلاس ۾ ملڪ اندر بجلي جي چوري خلاف ٿيندڙ قدمن ۽ هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بجلي چوري خلاف مهم جي نتيجي ۾ رڳو گذريل نومبر جي هڪ مهيني ۾ ڏيڍ ارب رپين جي بچت ٿي آهي، بجلي چوري خلاف مهم ڪري هن وقت تائين بجلي چوري ڪندڙن خلاف 16 هزار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، بجلي چورن خلاف مهم ۾ خاطر خواهه ڪاميابي حاصل ٿي رهي آهي، جنهن سان نه رڳو چوري جي شرح گهٽجي رهي آهي، پر جن علائقن ۾ بجلي چوري ٿئي ٿي انهن علائقن ۾ به بجلي فراهمي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، ، ذريعن مطابق وزيراعظم چيو ته دنيا کان قرض وٺي رهيو آهيان، توهان اربن جو نقصان ڪري رهيا آهيو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزراعظم عمران خان توانائي بابت جوڙيل ٽاسڪ فورس جي چيئرمين کي پيٽروليم ۽ بجلي جي وفاقي وزيرن سان مشاورت ڪري گيس جي گهرج ۽ فراهمي بابت انگ اکرن جو تجزيو ۽ تخميني جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جوڳو نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي ، وزيراعظم بجلي چوري خلاف مهم کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وزيراعظم چيو ته ڪنهن بدانتظامي يا جو خميازو عوام ڀوڳي اهو عمل ناقابل قبول آهي، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن ۾ سنڌ اندر ٿيل گيس بحران جي انڪوائري رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي.