ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي:صادق سنجراڻي

February 25, 2019 at 7:03 am

صوابي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري مجاهد آهي، جيڪڏهن ڪنهن للڪاريو ته جواب ڏيڻ لاءِ ڪرنل شير خان شهيد جو ضلعو ئي ڪافي هوندو. صوابي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف ۽ پاڪستان جي بقا لاءِ اپوزيشن سميت سڄي قوم هڪ پيج تي آهي، ڀارت جنگي جارحيت ڪري عالمي دنيا جو ڌيان پاڪستان تان هٽائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن للڪاريو ويو ته ڪرنل شير خان شهيد جو ضلعو ئي ڀارت لاءِ ڪافي هوندو. هن اسپورٽس ڪامپليڪس جي تعمير لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪندي چيو ته صوابي مان 20 ڄڻا انٽرنيشنل ڪلب لاءِ پاڻ موڪليندس.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو