ڪنهن کي نفرت ڦهلائڻ نه ڏينداسين:فواد چوڌري

February 13, 2019 at 7:30 pm

 اسلام آباد(بيورو) حڪومت سوشل ميڊيا تي نفرت ڦهلائيندڙن خلاف ايندڙ هفتي کان وڏي ڪريڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪنهن کي نفرت ڦهلائڻ نه ڏينداسين، سوشل ميڊيا تي فتويٰ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايندڙ هفتي کان سوشل ميڊيا تي نفرت ڦهلائيندڙن خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪنداسين.هن چيو ته نفرت جوڳين ڳالهين تي عام ميڊيا تي گهڻي حد  تان ضابطو آڻدو آهي، اهڙو طريقو ٺاهي ورتو آهي جنهن سان سوشل ميڊيا تي به نفرت جوڳيون تقريرون روڪي سگهنداسين. هن چيو ته ڊجيٽلميڊيا رسمي ميڊيا تي حاوي ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳي مواد تي ضابطو آندو ويندو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو