ڪنڌڪوٽ ڀرسان خوني جهيڙو: ٻن عورتن سوڌو 4 قتل: ڌرڻو

December 2, 2019 at 5:35 pm

ڪنڌڪوٽ /غوثپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙي ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ عورت به زخمي ٿي پئي آهي. جڳڻ ٿاڻي ج/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

ي حد ۾ ڳوٺ فوجو لولائيءَ ۾ لولائي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو آهي، جنهن دوران ٻنهي ڌُرين هٿيارن جو آزاداڻو استعمال ڪيو. جهيڙي جي دوران گولي لڳڻ ڪري ٻن عورتن سوڌو 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. جهيڙي کانپوءِ ڌُريون مورچا بند ٿي ويون ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي. جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ مسمات جيجان خاتون لولائي، مائي حرمت خاتون لولائي، شير لولائي ۽ عبدالقدوس عرف ڪانگو لولائي شامل آهن، جڏهن ته گولي لڳڻ سبب هڪ عورت مسمات نذيران لولائي به زخمي ٿي پئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ فائرنگ جو ڪيتري ئي دير تائين هلندو رهيو، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو