ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي رانديگرن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن سان ملاقات

February 25, 2023 at 12:10 am

ڪوئٽا گليڊيئٽرز جي رانديگرن ڪپتان سرفراز احمد سان گڏجي ڪينسر ۾ مبتلا ٻارن سان ملاقات ڪئي آهي. ميڊيا مطابق بيمار ٻارڙا اسٽار ڪرڪيٽرن کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي خوشي ۾ جهومي پيا. ڪرڪيٽرن ٻارن سان ڪجهه وقت گذاريو ۽ انهن کي پنهنجا آٽوگراف پڻ ڏنا. بيمار ٻارن سان ملاقات ڪندڙن ۾ محمد حفيظ، نسيم شاهه، افتخار احمد، محمد نواز ۽ ٻيا شامل هئا. رانديگرن ٻارن کي پنهنجي صحيح واريون بيٽ پڻ ڏنيون آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو