ڪورونا جا دنيا ۾ هاڃا جاري، وائرس اٽلي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 793 جانيون کسي ورتيون

March 22, 2020 at 4:40 pm

روم(مانٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا جا دنيا ۾ هاڃا جاري آهن، وائرس اٽلي ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 793 جانيون کسي ورتيون، جنهن کانپوءِ يورپ ۾ فوتگين جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي، اٽلي، جرمني ۽ اسپين ۾ ڪيسز تيزي سان رپورٽ ٿيڻ سبب دنيا ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، اٽلي ۾ اختيارين ڪورونا وائرس سبب ڇنڇر ڏينهن تي وڌيڪ 793 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتگين جو انگ 4 هزار 825 ٿي ويو آهي، ايران ۾ به ڇنڇر ڏينهن تي وڌيڪ 100 ماڻهو فوت ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿيلن جو انگ هڪ هزار 566 ٿي ويو آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو