ڪوشش آهي ته معيشت کي بهتري طرف آندو وڃي: اسد عمر
February 1, 2019 at 6:59 pmاسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪوشش آهي ته معيشت کي بهتري طرف آندو وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته مخالف ڌرجي سينيٽرن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ مان بار بار ياد ايندو هيس، اڄ مان آهيان پر مخالف ڌر ايوان ۾ ناهي. هن چيو ته تازو ئي اسان بجيٽ پيش نه ڪئي آهي پر اهو معاشي سڌارن جو پيڪيج آهي. سندس چوڻ هو ته ڪوش آهي ته معيشت کي بهتري طرف آندو وڃي. اسد عمر چيو ته جنوري ۾ اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ اضافو ٿيو آهي، جيترو نقصان اسٽاڪ مارڪيٽ تي 2018ع ۾ ٿيو هو اهو جنوري ۾ رڪور ٿي ويو آهي. هن چيو ته عالمي بونڊ مارڪيٽ ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بهتري پاڪستاني بانڊز ۾ ٿي جڏهن ته بئنڪ ۾ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي.