ڪي فور جي خرچن جي نئين سر اسڪروٽني تي سنڌ حڪومت کي اعتراض ناهي:وزيراعليٰ سنڌ
November 26, 2018 at 4:16 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ٽيلي ميٽر لڳائڻ تي اتفاق ٿي ويو، فيصل واوڊا چوي ٿو ته سنڌ لاءِ ٽي لي ميٽر لڳائڻ وڏي خوشخبري آهي، ڪي فور جي خرچن جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.وفاقي وزير فيصل واوڊا وزيراعليٰ هائوس ۾ مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته ڪي فور جي خرچن جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪي فور جي خرچن جي نئين سر اسڪروٽني تي سنڌ حڪومت کي اعتراض ناهي.فيصل واوڊا صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ٽيلي ميٽر لڳائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اها سنڌ لاءِ وڏي خوشخبري آهي.سنڌ جي بلديات واري وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيدا قدم کڻي رهي آهي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته داسو ڊيم جو مسئلو به حل ٿي رهيو آهي داسو ڊيم ۾ اربين روپيا ۽ وقت بچائي رهيا آهيون.