ڪي فور رٿا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فنڊز جي وقت سِر جاري ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وڏي وزير پاران وزيراعظم تي زور

May 26, 2023 at 11:16 pm

ڪراچي (26 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي روزانو 600 ملين گيلن پاڻي ملي رهيو آهي جڏهن ته گهرج 1200 ايم جي ڊي آهي جيڪو 600 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ ڪري ٿو.  ڪراچي ۾ تيزي سان وڌندڙ شهري آبادي سبب طلب ۽ رسد وچ ۾ فرق وڌندو رهندو ۽ پاڻي جي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ خالص K-IV منصوبي جي ڪامياب ۽ وقت سِر مڪمل ٿيڻ تي ٻڌل آهي جنهن کي ٽوٽل 650 ايم جي ڊي تحت ٽن مرحلن اندر مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ گريٽر ڪراچي واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ K-IV جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي شهر کي روزانو 1200 ايم جي ڊي پاڻي جي گهرج آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ اٽڪل 600 ايم جي ڊي پاڻي ٻن ذريعن حب ڊيم ۽ ڪينجهر ڍنڍ (سنڌو درياهه) مان فراهم ڪري رهيو آهي جنهن جو مطلب آهي ته اٽڪل 600 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته واپڊا پاران 260 ايم جي ڊي جي گنجائش وارو ڪي فور فيز ون مڪمل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو 2025ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کان فنڊز کي يقيني بڻايو ويندو. وفاقي حڪومت پاران پي ايس ڊي پي تحت 113 ارب رپيا فراهم ڪرڻا آهن جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته منصوبي ۾ ڪجهه ڪمن بابت ڪيش فلو مسئلن جو شڪار آهي ۽ خدشو آهي ته منصوبي ۾ دير ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ شيڊول اووررن سبب لاڳت ۾ اضافو وڌي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اسان سڀ موجوده معاشي مسئلن کان چڱيءَ ريت واقف آهيون تنهن هوندي به K-IV پروجيڪٽ فنڊز جي خاص ڪمٽمنٽ جو مستحق آهي ڇوته ان سان ڪراچي شهر کي وڏو رليف ملندو. مراد شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي جي اضافي ڪم تي عملدرآمد جي ذميواري سنڌ حڪومت ورتي آهي.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو