گئس جو بحران سنڌ جي عوام کان گرهه کسڻ برابر آهي: وڏو وزير
December 13, 2018 at 6:27 pmڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گئس بحران سنڌ جي عوام کان مانيءَ جو گرهه کسڻ برابر آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاق کان فوري طور سنڌ جي گئس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت گئس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، ڇو ته سنڌ پاڪستان جي 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿو پوءِ به سنڌ کي محروم ڪيو پيو وڃي.سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند هجڻ سبب ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر آهي، آفيسن ڏانهن ويندڙ ماڻهو مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن هن چيو ته سموري صوبي ۾ گئس جي بندش سان بحران پيدا ٿي ويو آهي، نه رڳو گهريلو صارفين کي گئس کان محروم ڪيو ويو آهي پر صنعتن، پاور پروجيڪٽس، سي اين جي اسٽيشنن کي بند ڪيو ويو، گهريلو صارفين پريشان آهن، صنعتن جو ڦيٿو بند آهي، بجلي جي پيداوار به متاثر ٿي رهي آهي،