گلستان جوهر ۾ بم ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون: آءِ جي سنڌ

December 10, 2018 at 5:35 am

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام چيو آهي ته گلستان جوهر ۾ بم ڌماڪي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، چيني قونصليٽ تي حملي بابت به خاص شاهديون مليون ۽ پٺڀرائي ڪندڙن جو نالو سامهون آيو آهي. ڊاڪٽر ڪليم امام گلستان جوهر ۾ پرفيوم چوڪ ڀرسان گذريل رات ٿيل ڌماڪي واري هنڌ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ عبدالله شيخ ۽ ڊي آءِ جي ايسٽ سميت ٻيا آفيسر موجود هئا. سي ٽي ڊي اختيارين آءِ جي کي ڌماڪي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي ڪليم امام چيو ته بم ڌماڪي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڄاڻي رهي
ا آهيون ته ڪارروائي پويان ڇا مقصد هو، ڌماڪي جا سهولتڪار به ڳولي رهيا آهيون، جاچ دوران ڪجهه شاهديون مليون آهن، جن تي ڪم شروع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي وڏو شهر آهي، هتي ڪيترائي گروهه ڪم ڪري رهيا آهن، پوليس ۽ ٻين ادارن ڪيترن ئي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ۽ وارداتون ناڪام بڻايون.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو