گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرايو ته پوليس آفيسرن کي جيل موڪلينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ
November 14, 2018 at 5:28 pmڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته پوليس گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرايو ته آفيسرن کي جيل موڪلينداسين.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي نه ٿيڻ بابت پوليس رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته هاڻ عدالت ان معاملي ۾ پوليس تي سختي ڪندي، بازيابي ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي پوليس آفيسرن کي جيل موڪلينداسين.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته پوليس رپورٽڻ مان عوام مايوس ٿي چڪو آهي، آفيسر ڪجهه ته خدا کان ڊڄن، گم ٿيل شهرين کي جلد بازياب ڪرايووڃي، هر ڀيري جاچ آفيسر اسٽيريو ٽائپ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندا آهن، ڪنهن به ڪيس ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي.جاچ آفيسر چيو ته محمد جاويد 2015ع کان سهراب ڳوٺ مان گم آهي ۽ ان جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هڪ ٻئي شهري سهيل جي گمشدگي تي رينجرز ۽ حساس ادارن کي خط لکيا پر جواب نه مليو. پاسبان جي جنرل سيڪريٽري عثمان معظم جي پٽ سعد صديقي جي گمشدگي جي درخواست تي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پوليس جي ايس ڊي پي او تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ايس ڊي پي او گلبرگ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو ته هاڻ ڪوتاهي کان ڪم نه هلندو، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي معاملي تي اليڪٽرانڪس ۽ پرنٽ ميڊيا کان به مدد ورتي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس، رينجرز، سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کان 9 جنوي 2019ع تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.