گورنر راڄ ناڪام تجربو آهي، سنڌ ۾ نه ورجائڻ گهرجي: پرويز رشيد

January 1, 2019 at 6:50 pm

 اسلام آباد(بيورو) (ن) ليگ جي اڳواڻ سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مريم نواز وقت اچڻ تي (ن) ليگ جي قيادت ڪندي، مقافات عمل سياستدانن تائين محدود آهي، کاٻي ساڄي ان جون اکيون ٻوٽيل رهن ٿيون، مريم نواز پيءُ کي جيل ۾ ڇڏي ملڪ کان ٻاهر نه ويندي، هو ته نوازشريف سان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهي، گورنر راڄ ناڪام تجربو آهي، سنڌ ۾ نه ورجائڻ گهرجي، حارث ٽريڊنگ منفي عمل آهي.پرويز رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارٽي جڏهن به چوندي ته ان کي مريم نواز کان ڪم وٺڻو آهي ته کيس آواز ڏنو ويندو ۽ يقينن مريم ان تي لبيڪ چوندي. ڪرپشن بابت سوال تي هن چيو ته اسان تي الزام اهو هو ته اسان پاڪستان کي قرضن ۾ پوري ڇڏيو ڏسڻ گهرجي ته جيترا قرض ورتا ويا ايترا اثاثا پاڪستان ۾ موجود آهن يا نه آهن، پاڪستان ۾ 1300 ميگاواٽ نئين بجلي پيدا ٿي رهي آهي جيڪا پهرين سسٽم جو حصو نه هئي، پي ٽي آءِ پاليسي تي تنقيد ڪندي پرويز رشيد چيو ته اڄوڪا حڪمران پني رهيا آهن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو