ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي،ڪيترائي گهر پٽ، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا،انتظاميه اگهور ننڊ ستل
August 19, 2022 at 11:33 pm
ڏوڪري(نمائندو) ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ برسات جي تباهي، ڪيترائي گهر پٽ، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، تفصيل موجب مينهن جي وسڪاري ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ تباهي آڻي ڇڏي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻي حافظ مشهود سنديلو جي جڳهه، رخسار سنديلو ۽ زيشان سنديلو جي گهر جي چئوديواري برسات سبب ڪري پئي، سڄو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو ڪنهن به چونڊيل نمائندي واهر نه ڪئي، ان موقعي تي سينيئر صحافي رخسار سنديلو ۽ زيشان سنديلو چيو ته سڄو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي هن وقت ٻوڏ واري صورتحال آهي، گهر محفوظ ناهن ان ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ حڪومتي نمائندا سار لهڻ ناهن پهتا، برسات سبب وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو موجود آهي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا ڳوٺ مان پاڻي نيڪال جو بندوبست ڪن.