18هين ترميم تي هر حملو روڪينداسين : بلاول ڀٽو زرداري
December 27, 2018 at 8:16 pmلاڙڪاڻو(رپورٽ اقبال ميمڻ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي رپورٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ون يونٽ لڳائڻ لاءِ ڪٺ پتلي کي آندو ويو، هن ويڙهه ۾ اڳئين مورچي تي هوندس، سليڪٽيڊ وزيراعظم کي اندازو ئي ناهي ملڪ هٿن مان نڪري پيو، جيڪڏهن حڪومت ڪٺپلي کي ڏيڻي هئي ته ٿوري ان کي پريڪٽس ڪرايو ها، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي روسي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نام نهاد ٺيڪدار نشي ۾ گم آهي، وفاق ڪمزور ٿيندو پيو وڃي، اچو غيرجمهوري قوتن خلاف پاڻ کي نئين جنگ لاءِ تيار ڪيون، مان اڳئين مورچي تي ٿيندس، هي اها ئي جنگ آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو وڙهي، اسان سڀ ڀٽو آهيون، ويڙهه لاءِ تيار آهيون، بلاول ڀٽو چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي امڙ ۽ اوهان جي ليڊر کي کسيو ويو. شهيد بينظير ڀٽو جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي، اسان جيلون ڏٺيون، آمرن جو مقابلو ڪيو، تون ڪهڙي باغ جي موري آهين؟، ڳڙهي خدابخش: هي ڪهڙو احتساب آهي، جنهن جو نشانو رڳو اپوزيشن آهي، ماضي وانگر اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ظلم ڪيو پيو وڃي، اسين ڄمي مقابلو ڪنداسين، آصف زرداري جو وڏو گناهه اهو اهي ته هن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، پاڪ، ايران گيس لائين منصوبو ڏنو، اڄ اهو مڪمل ٿئي ها ته گيس بحران نه هجي ها،آصف زرداري 18 هين ترميم کي آئين جي اصل روح ۾ بحال ڪيو، 18هين ترميم تي هر حملو روڪينداسين، هي ڪٺ پتلي اين ايف سي ايوارڊ مان صوبن کي ملندڙ حصو کسڻ چاهي ٿو، پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، سڀني يزيدن کي چوان ٿو منهنجي جسم ۾ شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو رت آهي، غيرجمهوري قوتن جو مقابلو ڪنداسين، جلد ملڪ کي ڪٺ پتلي کان به آجو ڪرائينداسين، هن مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، مني لانڊرنگ کان ڳالهه ناشتي جي بلن تائين پهتي، عدالت کي پوليٽيڪل انجنيئرنگ لاءِ استعال ڪيو پيو وڃي، اميد آهي معزز جج صاحب رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندا، هن چيو ته جيڪڏهن اوهان ۾همٿ آهي ته بي نامي وزيراعظم ۾ هٿ وجهي ڏيکاريو، اوهان کان ايس ايس پي ظاهر جا قاتل نٿا ملن، باقي منهنجي ناشتي جو بل ملي ويو، هن چيو ته هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جنهن کي رپئي جو ملهه گهٽجڻ جي خبر ناهي،هنن کان بلوچستان جي مائرن جو آواز به برداشت نٿو ٿئي، نوازشريف جي سزا کانپوءِ پنجاب ۾ جيڪي نعرا لڳا انهن جو تصوير به نه ڪيو هو، هن حڪمرانن کان سوال ڪندي چيو ته ٻڌايو بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو؟سندس خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو، بلاول ڀٽو جذباتي تقرير ڪئي، شعر پڙهي ماحول گرمائي ڇڏيو.