4 ڏينهن اڳ ڊفينس مان اغوا ٿيل شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ تين تلوار تي سماج سڌارڪن جو ڌرڻو، ٽريفڪ جام

December 3, 2019 at 5:51 pm

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي مان اغوا ٿي ويل شاگردياڻي دعا منگي جي بازيابي لاءِ تين تلوار تي سماج سڌارڪن جو ڌرڻو ، سنڌو نواز، شيرين اسد ۽ ٻين سماجي اڳواڻن جي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ جام /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 06

ٿي وئي، ان موقعي تي سنڌو نواز چيو ته ڪراچي پوليس جي نااهلي سبب مين روڊ تان هٿياربند هڪ شاگردياڻي کي اغوا ڪري ويا ۽ نوجوان کي گوليون هڻي ويا، واقعي کي چار ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس اڃا تائين دعا کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، هنن مطالبو ڪيو ته دعا منگي کي بازياب ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

اڄ جي روزاني برکا

Daily Barkha Epaper

برکا جو فيس بوڪ صفحو