ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

ڏوڪري(نمائندو) ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ طبي معائني سان گڏ 450 جي لڳ ڀڳ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن چڪاس ڪئي وئي ۽ کين مفت دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي ميڊيڪل عملي ميڊيا سان […]
سنڌ ۾ برسات: مختلف واقعن ۾ 26 ڄڻا فوت: سوين گهر ڊهي پٽ

ڪراچي(نمائندن وٽان): سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ڪيترائي گهر اُجاڙي ڇڏيا، گهرن جون ڇِتيون ۽ ڀتيون ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن ۽ عورتن سوڌو 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن دريا خان مري جي ڳوٺ غلام قادر مري ۾ گهر ڊهڻ سبب معصوم 3 ڀاءُ ڀينرون اجل جو […]
ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي،ڪيترائي گهر پٽ، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا،انتظاميه اگهور ننڊ ستل

ڏوڪري(نمائندو) ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ برسات جي تباهي، ڪيترائي گهر پٽ، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، تفصيل موجب مينهن جي وسڪاري ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ تباهي آڻي ڇڏي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻي حافظ مشهود سنديلو جي جڳهه، رخسار سنديلو ۽ زيشان سنديلو جي گهر جي چئوديواري برسات سبب ڪري […]
سنڌ حڪومت برسات سبب ٿيل نقصان جو فوري ازالو ڪري: بلاول جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي جي سمورن ايم پي ايز توڙي ايم اين ايز کي هدايت ڪئي آهي ته اُهي سڀ پنهنجن علائقن ۾ برسات متاثرن سان گڏ رهن ۽ انهن جي مدد ڪن بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته […]
شهباز گِل کي تشدد ۽ جنسي زيادتي جو نشانو به بڻايو ويو آهي: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان الزام هنيو آهي ته بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل کي حراست دوران سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ کيس جنسي زيادتي جو به نشانو بڻايو ويو آهي عمران خان سوشل ميڊيا تي شهباز گِل جي وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته شهباز […]
ملير نديءَ ۾ لُڙهي ويل ڪٽنب جي 7 ڀاتين مان 4 ڄڻن جا لاش هٿ

ملير (رپورٽر) ملير نديءَ ۾ لُڙهي ويل ڪٽنب جي 7 ڀاتين مان 4 ڄڻن جا لاش هٿ، گذريل ڏينهن ندِي جَي تيز وهڪرن ۾ ڪار لُڙهي وڃڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي ويا هئا ملير نديءَ گذريل ڏينهن لڙهي ويل پيرسن محمد خان ڊاگرو جوکيو جو لاش درساڻو ڇنو ڀرسان هٿ، گذريل ڏينهن پيرسن جي لڙهي […]
ادارن مٿان حملو ڪندڙن خلاف قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو،افراتفري ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين:شهباز شريف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه جي اجلاس دوران ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي جي ڪردار کي آئين کان مٿانهون قرار ڏيندي چيو آهي ته عارف علوي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چينه جي معاملي تي آئين جو مذاق بنايو ملڪ کي انتشار طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو. […]
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي،مظاهرا، ڌرڻا، درياءَ تي دعائون

ڪراچي(م ڊ): سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي، سنڌو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 60 سيڪڙو تائين پهتي آھي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ واري اڏامڻ لڳي، 1991 واري پاڻي معاهدي تحت مئي جي مهيني ۾ ڪوٽڙي بيراج وٽ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي موجود هئڻ گهرجي هن وقت ڪوٽڙي بيراج ۾ رڳو 200 […]
پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو صوبن جي جائز حصي ۾ خلل وجهڻ آهي:بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو اٿاري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڻي کوٽ سبب عوام، خاص طور تي آبادگار ڏک يائين جو شڪار آهن، پاڻي جي کوٽ جو سبب ارسا جو […]
ڪورونا جي نئين قسم جو جائزو وٺي حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي امڪاني نئين لهر کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت صحت کاتي ۽ گهرو کاتي کي نئين ويرينٽ جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ امڪاني ڪورونا وائرس جي […]