پنجاب ۾ وڌيڪ 59 ۽ سنڌ ۾ 41 ڪيس رپورٽ: ملڪ اندر ڪورونا جا مجموعي ڪيسن جو انگ 777 ٿي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ وڌيڪ 41 ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ 59 ڪيس سامهون اچڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ وڌي 777 ٿي ويو. ڪراچي ۾ وڌيڪ 18 ۽ سکر ۾ 23 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ڪيسن جو انگ 333 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به ڪورونا […]
ڪورونا جا دنيا ۾ هاڃا جاري، وائرس اٽلي ۾ هڪ ڏينهن ۾ 793 جانيون کسي ورتيون

روم(مانٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا جا دنيا ۾ هاڃا جاري آهن، وائرس اٽلي ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 793 جانيون کسي ورتيون، جنهن کانپوءِ يورپ ۾ فوتگين جو انگ 5 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته دنيا ۾ انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي، اٽلي، جرمني ۽ اسپين ۾ ڪيسز تيزي سان رپورٽ ٿيڻ سبب […]
سنڌ سرڪار صوبي ۾ واهپيدارن کان بجلي ۽ گئس جا بل نه وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار صوبي ۾ واهپيدارن کان بجلي ۽ گئس جا بل نه وٺڻ جي هدايت ڪندي لاڪ ڊائون بعد امڪاني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنٽرول رومز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گهرن ۽ ننڍن دڪانن جا مالڪ ڪرائيدارن سان مسواڙ ۾ رعايت […]
ڪورونا وائرس جي خلاف چين جي ڪردار جي واکاڻ تي عمران خان ۽ جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورائتا آهيون: چين

بيجنگ: چين چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي خلاف جنگ ۾ چيني حڪومت جي ڪردار جي واکاڻ ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورائتا آهيون.چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ليجيان زائو پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد […]
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، سمورن شهرن ۾ تفريحي ماڳ، شاپنگ مالز، بازارون ۽ هوٽلز بند پيل

ڪراچي/اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ ڦهلجڻ جي خدشي سبب سمورن شهرن ۾ تفريحي ماڳ، شاپنگ مالز، سستيون بازارون بند پيل آهن، جڏهن ته عوامي ميڙاڪن تي به مڪمل پابند آهي. ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، ڪوئيٽا، پشاور سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ جزوي لاڪ ڊائون واري صورتحال آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ […]
محرابپور ۾ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

نوشهروفيروز(رپورٽر) محرابپور ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.جنازي نماز ۾ سڄي سنڌ مان ايندڙ صحافين ۽ شهرين سميت اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه، صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سرفراز شاهه سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.ياد رهي ته سينئر […]
پناهگيرن جي واپسيءَ تائين عسڪريت پسندي جي خاتمي جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي تڪراري قانون سبب پاڪستان لاءِ پناهگيرن جو وڏو مسئلو پيدا ٿيندو.وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته گذريل 20 سال پاڪستاني عوام لاءِ تمام گهڻو مشڪل رهيا آهن پر سموريون پريشانين جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي […]
ڪوئيٽا ۾ ڌماڪو: 2 پوليس اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، انگ وڌڻ جو خدشو

ڪوئيٽا (ڊيسڪ رپورٽ) ڪوئيٽا ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. شاهراهه اقبال روڊ تي زوردار ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پوليس اهلڪان سوڌو 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کان فوري […]
دنيا تسليم ڪري ته پاڪستان کي عالمي سهڪار تمام گهٽ رهيو آهي: انتونيو گوتريس

اسلام آباد (بيورو) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي دنيا کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته افغان پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي عالمي حمايت تمام گهٽرهي آهي.اسلام آباد ۾ افغان پناهگيرن بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو ته اسان يڪجهتي ۽ همدردي جي ذڪر جوڳي ڪهاڻي […]
آفيسرن کي هاڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقي ملندي:فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد(بيورو): فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم تحريڪ انصاف جي منشور تحت سول سروسز ۾ اصلاح آڻڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، آفيسرن کي هاڻ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ترقي ملندي/.وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته سول […]