ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

ڏوڪري(نمائندو) ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي سهڪار سان سماجي اڳواڻ رخسار سنديلو جي نگراني ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي، مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ طبي معائني سان گڏ 450 جي لڳ ڀڳ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن چڪاس ڪئي وئي ۽ کين مفت دوائون ڏنيون ويون ان موقعي تي ميڊيڪل عملي ميڊيا سان […]
آزمائش جي هر گهڙي ۾ چين هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي : فردوس عاشق اعواڻ
اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سي پيڪ عظيم منصوبو آهي ۽ اُن سان خطي ۾ خوشحالي جا نوان رستا نڪرندا، آمريڪي خدشن سان اتفاق نٿا ڪريون.2 ڏينهن اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير جي نائب معاون ايلس ويلز سي پيڪ جي حوالي سان بيان ڏيندي چيو […]
حڪومتي وزير عوام کي ٽماٽن جي جڳهه تي ڏهي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو
پشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه جي سُڌ سماءُ واري وزير شوڪت يوسفزئي عوام کي مهانگن ٽماٽن جي جڳهه تي ڏهي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب سُڌ سماءُ وار صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته مان ڪافي وقت کان ڏهي استعمال ڪري رهيو آهيان. مون کي ٽماٽن جي قيمتن جي باري ۾ ڪابه خبر ناهي.هن چيو […]
بيٽس مين محمد رضوان آسٽريليا خلاف برسبين ٽيسٽ ۾ نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو
برسبين(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيپر بيٽس مين محمد رضوان آسٽريليا خلاف برسبين ٽيسٽ ۾ نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو ۽ 5 رنسن جي فرق سان ڪيريئر جي پهرين سنچري مڪمل نه ڪري سگهيو، محمد رضوان پاران آسٽريلوي بائولرز ڪاڊٽ جو مقابلو ڪيو ۽ 95 رنس جي شاندار اننگز کيڏي جنهن ۾ 10 […]
نسل پرستي، نسلي سياست ۽ نوجوان!: رام اوڏ
ڪو وقت هو جو حيدر چوڪ تي يونيورسٽين جا ڇوڪرا ڳاڙها ڪتاب ايئن خريد ڪندا هئا، جيئن اڄ ريشم گلي ۾ ڇوڪريون سُرخ لِپ اسٽڪ خريد ڪري واپس ورنديون آهن. انهي دور ۾ هاسٽل جي ڪمرن ۾ مائو ۽ مارڪس جون تصويرون هونديون هيون ۽ شاگرد هاسٽل جي ڇتين تي روس جي انقلاب، جدلياتي ماديت، […]
حضرت سهڻا سائين رحه جي سيرت تي هڪ نظر..!! : شرف الدين مرکنڊ
دنيا جي تختي الله تعالى پاران هر زماني ۾ پنهنجي ٻانهن جي اصلاح لاءِ ڪيترائي پيغمبر، نبيءَ سڳورا اماڻيا، جن پنهنجي امت کي راهه راست تي آڻڻ لاءِ انهن جي اصلاح فرمائي، نبين جو سلسلو پاڻ سڳورن حضرت محمد مصطفى صلعم تي ختم ٿيو، سندن کان بعد ڪو به نبي نه آيو آهي ۽ نه […]
اسلام آباد جي هفتيوار سستي بازار ۾ هڪ دفعو ٻيهر باهه، اڍائي سئو کان وڌيڪ اسٽال سڙي خاڪ ٿي ويا
اسلام آباد: (اڱارو 29 آڪٽوبر 2019ع) اسلام آباد جي هفتيوارڌ سستي بازار ۾ هڪ دفعو ٻيهر باهه لڳڻ سبب 250 کان وڌيڪ اسٽال سڙي خاڪ ٿي ويا. ڪروڙين روپين جو نقصان. فائربرگيڊ عملي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کان پوءِ باهه تي قابو ڪري ورتو. رات 3 بجي لڳندڙ باهه ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترن ئي […]
ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه معافي گھري ورتي
اسلام آباد (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شآهه کي پرڏيهي آفيس ۽ اعليٰ سطح جي اجلاس لاءِ رکيل ڪمري ۾ ٺاهيل ويڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کان پوءِ هاڻ ن عوام کان معافي گھري آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي حريم شاهه […]